دِل دنبورو

دِل دنبورو

دِل دنبورو

دِل دنبورو (ڪتاب): هي ڪتاب نئين دؤر جي نمائنده شاعر سعيد ميمڻ جي غزلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ عام موضوعن تي غزل آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ ’سر سهڻيءَ جا غزل‘ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي ارپنا ’مرشد لطيف، غالب، شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام‘ جي نالي ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڪهاڻيڪار يامين بلوچ لکيو آهي، جڏهن ته سنڌ هنڌ جي غزل جي وڏي شاعر واسديو موهي ۽ سنڌ جي مشهور نوجوان ڪهاڻيڪار منور سراج جا مضمون به ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ ڪل 124 غزل آهن. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 154 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 160 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، پاران 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو